الهه بخش جنجهڻ

الهه بخش جنجهڻ: الهه بخش جنجهڻ جو ذڪر، ميان سرفراز ڪلهوڙي جي دور ۾ ملي ٿو. جڏهن ميان سرفراز حڪمران ٿيو. ان وقت جن اميرن کي اڳتي آندائين، الهه بخش جنجهڻ به انهن مان هڪ هو. هن جو نالو شاهه الهه بخش ذات جنجهڻ لکيو ويو آهي. سرفراز ڪلهوڙي جي دور ۾ مير بهرام خان قتل ٿيو. هن ڏس ۾ الهه بخش پوري طرح باخبر هو. مير فتح علي خان انتقامي طور ميان سرفراز ڪلهوڙي جي محل تي حملو ڪرايو ته هيءُ امير به ان ۾ شريڪ رهيو. الهه بخش جنجهڻ راڄي ليکي ۽ پوءَ تاجي ليکيءَ جو خاص مددگار رهيو. مير بجار خان عمر ڪوٽ تي قبضو ڪيو. ان وقت الهه بخش جنجهڻ اڳتي وڌي هن کان ڪوٽ ڇڏايو. لانياريءَ جي جنگ ۾ وڙهيو، پر سرڪاري لشڪر شڪست کاڌي. ان وقت مير بجار سان وڃي مليو. عبدالنبي ڪلهوڙو 1191هه/1777ع ۾ سنڌ جو حڪمران ٿيو ته ان الهه بخش جنجهڻ کي قيد ۾ رکڻ جو حڪم ڏنو، جتي قيد ۾ رهندي فوت ٿي ويو. غلام حسين، الهه بخش جنجھڻ جو پٽ هو. کيس عبدالنبي ڪلهوڙي جي دور ۾ چڱي اهميت ملي. سن 1198/1783ع ۾، هالاڻيءَ جي جنگ ۾ ڪلهوڙن پاران وڙهندي مارجي ويو .


لفظ الهه بخش جنجهڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1783.00.00  عيسوي

الهه بخش جنجهڻ 1198/1783ع ۾ ، هالاڻيءَ جي جنگ ۾ ڪلهوڙن پاران وڙهندي مارجي ويو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رابرٽ ايڇ گوڊارڊ
صلاح الدين پنهور
سهراب سومرو
ڪلپنا چاولا
جمشيد ٽاٽا
شادي شهيد فقير
پدمڻي ڪپيلا
ٿرڙي سنجر ڀٽي
تيرٿ داس گيلاني سائين
شاهه وسائو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون